اسلام آباد : (اربع 29 مارچ 2023ع) پ پ اڳواڻ ۽ سينيئر وڪيل لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ بابت قانون سازي عدليه تي پابندي لڳائڻ جي برابر آهي، ان بل جي ٽائيمنگ درست ناهي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 184/3 ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، آئيني ترميم به ضروري آهي ته قانون سازي ڪري نظرثاني ۾ وڪيل جو حق ڏنو وڃي. اهڙيون ترميمون نٿيون ڪري سگهجن.
لطيف کوسا چيو ته بل جي ٽائيمنگ درست ناهي، قانون سازي ڪرڻ عدليه کي تنگ ڪرڻ جي مترادف آهي، بينچ جو حصو نه بڻجندڙ ميمبرن جي راءِ فيصلي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته مريم نواز ۽ ن ليگ هميشه عدليه تي حملا ڪيا آهن، پهريان مٺايون ورهايون پوءِ سمجهن ٿا ته فيصلو سندن خلاف آيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language