لاهور : (اربع 29 مارچ 2023ع) لاھور هاءِ ڪورٽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري خلاف داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 6 اپريل تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم اپوزيشن ليڊر راجا رياض جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
وڪيل چيو ته راجا رياض جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي ان ڪري هو اپوزيشن ليڊر نٿو بڻجي سگهي، عدالت آئيني ڪم تي حڪم جاري ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري عدالت راجا رياض جي مقرري کي غير آئيني ۽ ڪالعدم قرار ڏئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 6 اپريل تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language