welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور: (اربع 29 مارچ 2023ع) لاھور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت شهباز گل کي هڪ ڀيرو ٻيھر پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے