welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ سان پاڻي جو بحران جلد ختم ٿيڻ جي اميد

اسلام آباد: آچر 19 جون 2022ع : سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي، جنهن سان پاڻي جي کوٽ وارن صوبن ۾ پاڻي جو بحران ختم ٿي ويندو. تفصيل موجب انڊس روور سسٽم اٿارٽي (ارسا) چيو آهي ته تازو برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو آهي، سنڌ صوبي ۾ پاڻي جو بحران ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 1 لک 16 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيم ۾ پاڻي جو وهڪرو 65 هزار کان 70 هزار ڪيوسڪ هو. ارسا موجب تربيلا ڊيم مان پاڻي ايندڙ هفتي گڊو بئراج ۾ داخل ٿيندو. چشما بئراج وٽ پاڻي جي آمد 127000 ڪيوسڪ، منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 33400 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 25500 ڪيوسڪ آهي. ارسا جو چوڻ آهي ته هيڊ مرالا وٽ چناب درياهه ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 23 هزار 700 ڪيوسڪ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے