welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خانپور مهر واسي نينگر تي مبينا ڪارنهن جو الزام، حياتي کي خطرو

خانپور:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)خانپورمهر ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ الله بخش چاچڙ جي رهواسڻ عورت مسمات آمنه زال نذير احمد چاچڙ پنهنجي معصوم نياڻي شهناز چاچڙ سان گڏجي پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي پٽ آصف چاچڙ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، مسمات آمنه چاچڙ چيو ته ته اٽڪل 10 ڏينهن اڳ اسان جي ڳوٺ جي هڪ بااثر نواب علي چاچڙ منهنجي 12 سالن جي پٽ آصف علي چاچڙ مٿان پنهنجي معذور ڌيءُ آسيه سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، عورت جو چوڻ هو ته هڪ مهينو اڳ نواب چاچڙ پنهنجي ڀائيٽي لاءِ مون کان منهنجي ڌي جو سڱ گهريو هيو جيڪو نه ڏيڻ تي هن منهنجي پٽ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهيو آهي، عورت چيو ته الزام مڙهڻ بعد نواب چاچڙ، وهاب، عنايت الله، جهانزيب، اورنگزيب ۽ ٻين اسان جي گهر تي حملو ڪري گهر مان ڦرلٽ ڪئي ۽ چوپايو مال ڪاهي ويو، جڏهن ته هن اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي منهنجي مڙس نذير ۽ پٽ علي شير چاچڙ کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي، عورت جو چوڻ هيو ته اسين مسڪين آهيون جيڪو اسان جي مدد ڪري ٿو انهن تي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، متاثر عورت مطالبو ڪيو ته معاملي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن متاثر عورت مسمات آمنه چاچڙ خانپورمهر ۾ احتجاج ڪرڻ بعد عادلپور ٿاڻي تي پڻ انصاف لاءِ احتجاج ڪيو..

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے