ڪراچي:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ايس ايس پي توحيد ميمڻ ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان اقربه فاطمه جي گهر ۾ 2 ڪروڙن جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. پوليس ذريعن موجب سائوٿ انويسٽيگيشن پوليس ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڌاڙي ۾ ملوث مک جوابدار سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل لگزري گاڏي به هٿ ڪري ورتي، گرفتار مک جوابدار بنگلي اندر داخل ٿيندڙن ۾ شامل آهي،جڏهن ته 3 جوابدار گاڏي ڀاڙي تي وٺڻ ۾ ملوث آهن، ڌاڙي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر عام تي اچي ويا آهن، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ جوابدار کي اڇي رنگ جي فارچيونر گاڏي سان بنگلي ٻاهران ڏسي سگهجي ٿو، جوابدار بنگلي جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيو. پوليس موجب ڌاڙي ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language