سکر:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)سکر عدالت جوابدار جاني جنيد کي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو. نيشنل سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي سکر جي جاچ آفيسر ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد شڪارپور واسي واپاري عبدالصبور ميمڻ کي بليڪ ميل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جاني جنيد کي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. وڪيل مطابق عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ته ڪيس ۾ ريڪوري جي حوالي سان اڳڀرائي ناهي ڪري سگهيا، اوهان جوابدار کي فائدو پيا پهچايو، عدالت آن لائن فراڊ بابت سائبر ڪرائيم ڪيس ۾ گرفتار جوابدار بشير عرف جنيد جاني کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language