
اسلام آباد:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو آھي ته پاڪستان ۾ موسمي تبديلي جا اثر خطرناڪ آھن، ايندڙ سال موسمي تبديلي جي شدت هن سال کان 22 سيڪڙو وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، گرمي پد وڌندو رهيو ته گليشر ختم ٿي ويندا، ايندڙ سال وڌيڪ مشڪل سال هوندو، جڏهن ته اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي زمينن تي قبضن، بقايائن جي عدم وصولي ۽ حديد ويلفيئر ٽرسٽ جي انضمام سان لاڳاپيل سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، چيئرمين ڪاميٽي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪندي معاملو استحقاق ڪاميٽي، وزيراعظم ۽ ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو، آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته اسٽيل ملز جي زمينن تي قبضن ۽ نجي ماڻهن کي 194 ايڪڙ الاٽ ڪرڻ وارن معاملن تي انڪوائري جاري آهي. جڏهن ته ڪنٽري ڪلب ۽ اين ٽي ڊي سي کان اربين رپين جون بقايائون وصول نه ٿيڻ تي به سوال اُٿاريا ويا. حديد ويلفيئر ٽرسٽ جي انضمام سبب قومي خزاني کي 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ 343 ملازم اسٽيل ملز جي پي رول تي منتقل ڪيو ويو. ڪاميٽي معاملو وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. چيئرمين ڪاميٽي جنيد اڪبر چيو ته غلط بياني ڪرڻ وارن کي جوابده ٿيڻو پوندو، اجلاس ۾ ٻوڏ فنڊز ۽ موسمياتي تبديليءَ جي اثرن بابت به بريفنگ ڏني وئي. اختيارين ٻڌايو ته دنيا مان پاڪستان کي 10.98 ارب ڊالر جا واعدا ڪيا ويا، جن ۾ گهڻو ڪري قرض شامل آهن، جڏهن ته موسمياتي تبديليءَ جي منصوبن لاءِ اڃا تائين 2.7 ارب ڊالر جي فنڊنگ ملي آهي. گليشيئر مڪمل ڳرڻ کان پوءِ ڏڪار، خوراڪ جي کوٽ ۽ پاڻيءَ جي بحران جو خطرو وڌي ويندو. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي کي قومي سلامتي جي مسئلي طور ڏسڻو پوندو. چيئرمين اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 7500 کان وڌيڪ گليشيئر موجود آهن جيڪي اترين علائقن ۾ تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، موسمياتي تبديلي سبب ساليانو 4 ارب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي، هن چيو ته وڌندڙ آباديءَ سبب ماڻهو دريائن جي ڪنارن ۽ خطري وارن علائقن ۾ آباد ٿي رهيا آهن، جيڪي مستقبل ۾ وڏن سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته درياءِ ستلج جي پاسي کان ڏيڍ لک ماڻهون کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 2100 ٽن امدادي سامان متاثر علائقن تائين پهچايو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language