صالح پٽ:(اربع 27 آگسٽ 2025ع)صالح پٽ مان گم ٻه نوجوان اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، ڌاڙيلن وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيان ڀنگ طلب ڪيو آهي. ان ڏس ۾ چار ڏينھن اڳ گم ٿي ويل صالح پٽ جي علائقي آرڊي159 ڳوٺ غلام سرور شنباڻي جي رھواسن ٻن ڄڻن محمد حسن شنباڻي ۽ اڪرام علي شنباڻي جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي. ان باري ۾ رابطو ڪرڻ تي نوجوانن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا 2 نوجوان محمد حسن ولد غلام سرور شنباڻي ۽ اڪرام علي ولد سمون شنباڻي جيڪي 4 ڏينھن کان گم ھئا جن کي اغوا ڪيو ويو آھي ا ڄ ڌاڙيلن نوجوان محمد حسن شنباڻي سان موبائل فون تان اسان کي ڳالھرايو آھي ڌاڙيلن نوجوانن جي بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ ڀنگ گھري آھي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنھي ڄڻن جا لاش توھان ڏي موڪلينداسين ھنن ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان کي جلد نوجوان بازياب ڪرائي ڏنا وڃڻ.
0 تبصرے
Do not use vulgar language