welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: اڏام دوران مسافر جهاز ۾ باهه لڳي وئي، ايمرجنسي لينڊنگ

پٽنا: آچر 19 جون 2022ع : ڀارت ۾ اڏام دوران مسافر جهاز کي باهه لڳي وئي، جنهن تي پائليٽ کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي. تفصيل موجب پٽنا ايئرپورٽ اختيارين آچر تي ٻڌايو ته اسپائس جيٽ ايئر لائنز جي جهاز جي اڏام دوران باهه لڳي وئي، جنهن سبب جهاز کي بهار رياست جي شهر پٽنا ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي. اختيارين موجب اسپائس جيٽ جي اڏام دهليءَ لاءِ پٽنا ايئرپورٽ تان روانو ٿي پر جلد ئي ان جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ڪري ان کي واپس ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
ايمرجنسي لينڊنگ کانپوءِ مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي ميڊيا رپورٽن موجب جهاز ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي هئي، جڏهن ته جهاز محفوظ لينڊ ڪيو ۽ سمورا مسافر محفوظ رهيا، تباهه ٿيل جهاز ۾ 185 ڄڻا سوار هئا. ڀارتي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته حادثو جهاز سان پکيءَ جي ٽڪر سبب پيش آيو، جنهن بعد انجڻ کي بند ڪيو ويو. ايئر لائن اسپائس جيٽ جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته فضا ۾ اڏامڻ کانپوءِ ڪاڪ پٽ جي عملدار کي شڪ ٿيو ته پکي انجڻ نمبر ون سان ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن تي فلائيٽ ڪيپٽن احتياطي طور تي انجڻ بند ڪري جهاز کي واپس روانو ڪيو. اڏام کانپوءِ معائني ۾ پڌرو ٿيو ته پکين جي ٽڪر سبب 3 پکين جا بلڊ خراب ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے