welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيبرپختونخواهه جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ عمران خان جي گهر ٻاهران احتجاج

اسلام آباد: آچر 19 جون 2022ع : خيبرپختونخواهه جي ايڊهاڪ استادن مطالبن جي مڃتا لاءِ بني گالا ۾ عمران خان جي گهر ٻاهران احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ خيبرپختونخواه جي ڏورانهن علائقن مان سوين استاد شرڪت ڪري رهيا آهن. ايڊهاڪ استادن جو چوڻ آهي ته مقرري جي تاريخ کان سينيئرٽي ۽ سالياني واڌ ڏني وڃي، 4 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن، هنن پشاور ۾ پڻ احتجاج ڪيو پر ڪابه ٻڌڻي نه ٿي، هنن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. بني گالا ۾ مطالبا مڃيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے