ڪوئيٽا: سومر 20 جون 2022ع : بلوچستان ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نائب تحصيلدار عبدالستار کي قتل ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ نامعلوم ماڻهن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري نائب تحصيلدار عبدالستار کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب دوبندي ضلعي قلعه عبدالله جو نائب تحصيلدار عبدالستار مشواڻي پنهنجي ساٿي محرم سان گڏ ڪار ۾ ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته ريلوي لائين جي ڊگري ڪاليج ويجهو نامعلوم ماڻهن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني.
حادثي ۾ 69 ورهين جو عبدالستار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي محرم غلام سرور معجزاڻي طور بچي ويو.
مڪران: سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايف جا 6 دهشتگرد مارجي ويا
مقتول نائب تحصيلدار جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو، جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language