ڪراچي: سومر 20 جون 2022ع : ڊالر پاڪستان جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، اڄ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 44 پئسا واڌ ٿي وئي.
تفصيل موجب ڪرنسي مارڪيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر جي قدر ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، آمريڪي ڊالر ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن به پنهنجي بلند ترين سطح تي برقرار رهيو.
فاریکس ڊيلرز جو چوڻ آهي ته واپاري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 44 پئسا مهانگو ٿي 210.19 رپيا ٿي ويو.
فاریکس ڊيلرز موجب مارڪيٽ ۾ ڊالر 211 کان 213 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
شهباز شريف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ رپئي جي قدر ۾ 27 رپيا 93 پئسا گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ هر مٽاسٽا جو پنهنجو ريٽ آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کان گرين سگنل ملڻ تائين مٽا سٽا جي شرح بهتر نه ٿيندي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي طلب ۾ مسلسل اضافو ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language