welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عدنان صديقي پاران ڀارتي فنڪارن کي گالا تقريب ۾ دعوت ملڻ کانپوءِ شرڪت نه ڪرڻ جواعلان

نيو جرسي : سومر 20 جون 2022ع : پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي سينيئر اداڪار عدنان صديقي ڀارتي فنڪارن کي دعوت ڏيڻ کانپوءِ تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي ايسوسيئيشن (اي پي اين اي) پاران 13 کان 17 جولاءِ تائين گالا منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ عدنان صديقي به شرڪت ڪرڻ وارو هو. وڌيڪ پڙهو: نواز شريف سان اداڪار عدنان صديقي جي ملاقات جڏهن ته ڀارتي فنڪارن جي شرڪت جي خبر ٻڌڻ کانپوءِ هن مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عدنان صديقي لکيو ته دنيا جي بي شمار مسلمانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي آمريڪا (APNA) ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت نه ڪندس جتي ڀارتي فنڪارن کي به دعوت ڏني وئي آهي. هن واضح ڪيو ته مان فنڪارن جي خلاف ناهيان پر منهنجو ضمير اجازت نٿو ڏئي ته ڀارتي حڪمرانن طرفان پيغمبر اسلام جي شان ۾ جيڪا توهين ڪئي وئي آهي ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيان.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے