welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ مڙس ھٿان زال قتل

منگھوپير : سومر 20 جون 2022ع : شهر قائد جي علائقي منگھوپير ۾ قتل جي لرزش واري واقعي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن. پوليس ذريعن موجب منگھوپير ونگي ڳوٺ ۾ پلاٽ مان عورت جو لاش هٿ آيو، عورت کي تشدد بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ ڇوڪري جيئري هٿ آئي جيڪا عورت جي لاش وٽ بيٺي هئي، ريسڪيو ذريعن فوري طور تي ڇوڪري کي حراست ۾ وٺي پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته کيس سندس پيءُ قتل ڪيو آهي، ڇوڪري جي بيان تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اختيارين جو شڪ آهي ته کيس غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے