ڪراچي : سومر 20 جون 2022ع : شاهه لطيف ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ اغوا ۾ ملوث 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ٻئي جوابدار اسٽريٽ ڪرائم جي 19 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث آهن، گرفتار جوابدارن ۾ اياز ۽ عثمان شامل آهن.
پوليس موجب جوابدار 3 ڏينهن اڳ ڦر جي واردات ۾ شهري کان هڪ لک رپيا ڦر ڪيو هو، گرفتاري سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته تصوير ۾ ٻنهي جوابدارن کي ڏسي سگهجي ٿو، گرفتار جوابدارن خلاف اڳ ۾ ٽي ڪيس داخل آهن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي موچڪو گوٹھ ڪيماري ۾ پوليس مقابلي بعد 4 هٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو هو، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون هيون.
جڏهن پوليس جوابدارن کي روڪيو ته 4 جوابدار موٽرسائيڪل تان ڀڄي ويا، جن کي گرفتار ڪري ورتو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language