welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چيئرمين انٽر بورڊ جعلي ليفليٽ هلائڻ واري چينل خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سومر 20 جون 2022ع : انٽر بورڊ جي چيئرمين جعلي ليفليٽ هلائڻ تي خانگي چينل خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب انٽر بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين چيو آهي ته گذريل ڏينهن جعلي ليفليٽس هلائيندڙ چينل خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جنهن چينل تي جعلي ليفليٽس هلي رهيا آهن ان خلاف پيمرا ۾ شڪايت ڪئي ويندي، پيپر صبح 10:10 تي نڪرڻ غلط تاثر ڏيڻ آهي. انٽر جي سالياني امتحانن جو اڄ ٻيو ڏينهن هو، انٽر بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينٽرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.
هڪ ٻئي مسئلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ او ايم آر ( آپٽيڪل مارڪ ريڪگنيشن ) شيٽون به گهرايون ويون، ان سلسلي ۾ ڪجهه مونجهارو هو پر ٻارن آساني سان شيٽون ڀريون. ياد رهي ته ان ٽيڪنالاجي کي پهريون ڀيرو انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر سعيد الدين چيو ته جڏهن به نئون سسٽم ايندو آهي ته مسئلا هوندا آهن، جيڪڏهن شيٽ گم ٿي ويندا ته وڌيڪ فراهم ڪنداسين، اسان جون يونيورسٽيون به او ايم آر سسٽم تي ٽيسٽ وٺنديون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے