welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سومر کان ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي، اين ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : آچر 19 جون 2022ع : نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ ۾ طوفاني برساتن سبب لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي ترجمان موجب 20 کان 22 جون تائين ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي چيو ته سمورا لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتا هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايس ۽ ڊي ڊي ايم ايس کي لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مسافرن ۽ سياحن کي برساتن ۽ رستن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي. ٻئي طرف صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان پڻ طوفان جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم اي موجب بلوچستان ۾ اڄ رات يا سڀاڻي برسات جو مضبوط سسٽم اثرائتو ٿي سگهي ٿو. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر بلوچستان ۾ مضبوط سسٽم پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن سبب علائقي ۾ غير متوقع برساتون ۽ ٿڌڪار ٿي رهيا آهن. پي ڊي ايم اي ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن لاءِ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪوهلو، بارکان، موسيٰ خيل، شيراڻي، هرنائي، ژوب، دکي، زيارت ۽ لورالائي ۾ به برسات جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے