راولپنڊي : آچر 19 جون 2022ع : عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته هي حڪومت هڪ سازش تحت آئي آهي، اسان چورن، لٽيرن، ٺڳين کي نٿا مڃون.
لال حويلي ٻاهران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته چور ۽ ڌاڙيل هڪ سازش تحت آيا، هنن چيو ته سازش نه پر مداخلت آهي.
هن چيو ته مان لٽيرن جي اسيمبلي تي لعنت موڪليان ٿو، هنن چورن جو اتحاد عمران خان خلاف آهي، هنن چورن جو ڪو به نظريو ناهي، اهي گندا انڊا آهن.
هن چيو ته اهي پارٽيون اسان تي مهانگائي جو الزام لڳائينديون هيون، هاڻ ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي، ڪارخانا بند ٿي ويا آهن ۽ پيٽرول جو اگهه وڌي ويو آهي، هنن کان ڪنهن پڇيو ته ڊالر 210 رپيا ڪيئن پهتو؟
شيخ رشيد چيو ته لنڊن ۾ ويٺل شخص هاڻي پاڪستان ڇو نٿو اچي؟
0 تبصرے
Do not use vulgar language