welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

راولپنڊي : 27 سالن کان برطانيا کي گهربل قتل ڪيس ۾ مفرور جوابدار گرفتار

راولپنڊي : آچر 19 جون 2022ع : اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل اسلام آباد زون 1995ع ۾ نيشنل ڪرائم ايجنسي برطانيه کي مطلوب قتل جي مفرور جوابدار کي راولپنڊي مان گرفتار ڪري ورتو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اختيارين جو چوڻ آهي ته مفرور جوابدار بشارت ميرپور خاص آزاد ڪشمير جو رهواسي آهي، بشارت تي 1995ع ۾ برطانيا جي شهر ويلز ۾ هڪ ايشيائي شهري کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار قتل کانپوءِ برطانيا فرار ٿي ويو هو ۽ پاڪستان پهچي ويو هو ۽ ضمير علي کان پنهنجي سڃاڻپ مٽائي ڇڏي هئي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتاري برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي سهڪار سان ڪئي وئي. ايف آءِ اي عملدارن موجب آپريشن پاڪستاني ۽ برطانوي ايجنسين جي وچ ۾ بهترين ورڪنگ لاڳاپن جو ثبوت آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے