welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمر امين گنڊاپور جي نااهلي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر امين گنڊاپور جي نااهلي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ عمر امين گنڊاپور اليڪشن ڪميشن طرفان پنهنجي نااهلي جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو جنهن جي اڄ ٻڌڻي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ڪئي. ٻڌڻي دوران عمر امين گنڊاپور جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر ۽ آصف گجر عدالت جي سامهون پيش ٿيا. بيرسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن عمر امين گنڊاپور کي نااهل ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پروسيجر کان سواءِ آرڊر جاري ڪيو. سمري انڪوائري کان پوءِ 50 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڏنڊ کان پوءِ به ٻيون ڀيرو جيڪڏهن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿئي ته پوءِ ايڪشن کڻي سگهجي ٿو. بيرسٽر علي ظفر چيو ته نه انڪوائري ٿي نه وري رپورٽ ڪميشن ڏني نه عمر امين کي نوٽيس ڏنو، عمر امين جو ڀاءُ وفاقي وزير آهي سندس مٿان ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. جيڪڏهن عمر امين ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي ته پهريان کيس نوٽيس ڏيڻو هو پر عمر امين کي نااهل ڪيو ويو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوءِ عمر امين کي ڪيئن ڌر بنايو ويو، نوٽيس جاري ڪيو يا نه؟ جنهن تي وڪيل چيو ته نوٽيس ناهي ڏنو ويو. سموري ڪارروائي علي امين جي خلاف ٿيندي رهي جنهن کان پوءِ آرڊر عمر امين جي خلاف جاري ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو عمر امين گنڊاپور کي نااهل ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته علي امين گنڊاپور جي حد تائين اليڪشن ڪميشن جو آرڊر آن فيلڊ رهندو. جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي جمعي جي ڏينهن لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. وڪيل چيو ته آرڊر جي ڪاپي فوري طور تي ڏني وڃي ڇو ته 3 ڏينهن کان پوءِ چونڊون آهن جنهن تي عدالت آرڊر جي ڪاپي فوري طور تي ڏيڻ جي هدايت ڪئي جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے