welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن 21 فيبروري تي اسحاق ڊار جي لاءِ نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. جڏهن ته درخواستگذار اظهر صديق ايڊووڪيٽ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن اسحاق ڊار جي خلاف درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪندو. درخواستگذار اظهر صديق ايڊووڪيٽ اسحاق ڊار جي خلاف اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو ۽ اسحاق ڊار کي آرٽيڪل 63 ٽو جي تحت نااهل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے