
لاهور: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) سياسي رابطا تيز ٿي ويا. متحده وفد ن ليگي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ان هائوس تبديلي جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مسلم ليگ(ن) جي صدر سان ملاقات جي لاءِ متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) جو وفد ماڊل ٽائون پهتو، شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان پارٽي اڳواڻ وسيم اختر جي اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. احسن اقبال، سعد رفيق، شاهه محمد شاهه، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، ملڪ محمد خان پارٽي صدر سان گڏجي ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو استقبال ڪيو.
ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته اقتصادي، معاشي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون آهن. سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. شهباز شريف چيو ته عمران خان پاران ڪراچي لاءِ 1100 ارب روپين واري پيڪيج جو ڇا ٿيو؟ عمران خان اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ چاهي ٿو. ايم ڪيو ايم جي وفد کي گذارش ڪئي آهي ته اوهان حڪومت جا اتحادي ضرور آهيو پر پهريان پاڪستاني آهيو، عمران نيازي جي هٿان ملڪ تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته غريب ماڻهو هڪ وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيو آهي والدين پنهنجي ٻارن جي فيس ڏيڻ کان قاصر آهن. ان کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪومت جو سوچي نٿو سگهجي. ڪراچي جو امن نوازشريف جي دور ۾ واپس آيو، اها مسلم ليگ(ن) جي وڏي اڳڀرائي هئي، ن ليگ جي حڪومت ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبن لاءِ تمام گهڻا فنڊ ڏنا ويا.
تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان ليگي صدر چيو ته سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويو آهي. مون کي سمورين سياسي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عامر خان ۽ سندس ساٿين کي چيو آهي ته عدم اعتماد آئيني طريقو آهي. تحريڪ عدم اعتماد تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان چيو ته اسان معاملي کي رابطه ڪميٽي ۽ پنهنجي قيادت جي سامهون رکنداسين ان کان پوءِ جيڪو فيصلو ٿيندو ان بابت آگاهي ڏينداسين پنهنجي ڳالهين کي جاري رکندي هن چيو ته جهڙي طرح ن ليگ وفاق ۾ مسئلن جو شڪار آهي. اهڙي طرح اسان صوبي ۾ مسئلن جو شڪار آهيون. اسان اهڙي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون آهن.
اسان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ظلمن جو شڪار آهيون. مهانگائي جي طوفان تي ايم ڪيو ايم به پريشان آهي. صورتحال هاڻ برداشت ڪرڻ جهڙي نه آهي. عامر خان چيو ته سنڌ ۾ مڪاني نظام واري بل خلاف اسان اي پي سي ڪئي هئي. اي پي سي جي قرارداد ۾ سمورين پارٽين اتفاق ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جو مڪاني نظام واري بل خلاف فيصلو به آيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي کڻي ٽئي صوبا عدالت به وڃي سگهن ٿا. سمورن صوبن ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار هجڻ گهرجي.
واضح رهي ته شهباز شريف کان اڳ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن وسيم اختر ۽ عامر خان سان مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن جي دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومتي اتحاد تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم اڳواڻن ٻين پارٽين جي قيادت سان ملاقاتن تي چوڌري ڀائرن کي اعتماد ۾ ورتو جڏهن ته چوڌري ڀائرن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ بحث هيٺ ايندڙ موضوعن جي حوالي سان مهمان اڳواڻن کي آگاهه ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language