welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عاليشان گهر ۽ گاڏيون، لتا منگيشڪر جي اثاثن جي ماليت ڪيتري آهي؟

ممبئي: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) ڀارت جي ليجنڊري گلوڪاره لتا منگيشڪر هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي پر ان جو لازوال ڪيريئر تمام گهڻو اعزازن ۽ ايوارڊز سان ڀريل آهي اتي ئي هن پنهنجي ڪامياب ڪيريئر دوران ڪروڙين روپيه به ڪمايا. لتا جي ديهانت کان پوءِ ڪيترن ئي ذهنن ۾ اهو سوال آهي ته ان جي ملڪيت جو اصل وارث ڪير آهي پر سڀني کان پهرين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته لتا جي ملڪيت ڪيتري آهي؟ ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا موجب لتا جي سموري زندگي جي جمع ٿيل رقم ان جي اثاثن جي ماليت 360 ڪروڙ ڀارتي روپيه آهي، جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ اها ماليت 108 کان 115 ڪروڙ ڀارتي روپيه ٻڌائي وئي آهي. ڀارتي شهر ممبئي ۾ پرابهوکنج بهون جي نالي سان واقع لتا جو عاليشان گهر، شيورلي، ڪرائسلر ۽ بيوڪ جهڙيون لگزري گاڏيون به سندس ملڪيت آهن. ڀارتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر وٽ ڪارن جو به وڏو ڪليڪشن هو هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي شيورلي گاڏي خريد ڪئي، لتا جي گيراج ۾ هڪ بيوڪ، ڪرائسلر ۽ مرسڊيز به هئي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لتا منگيشڪر جي ماهوار آمدني تقريبن 40 لک روپيه هئي جيڪا کيس گانن جي ريئيلٽي جي صورت ۾ ملندي هئي. ڀارتي ميڊيا ۾ اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته لتا جي ڪروڙين روپين جي ملڪيت جو اصل وارث ڪير هوندو. ڏٺو وڃي ته لتا شادي نه ڪئي هئي ان لاءِ سندس آخري رسمون به سندس ڀاءُ بردي ناٿ منگيشڪر ادا ڪيون جنهن کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ميڊيا ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته لتا کان پوءِ ان جي ملڪيت جو اصل وارث به ان جو ڀاءُ ئي هوندو. پر ان حوالي سان ڪابه تصديق سامهون ناهي اچي سگهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے