welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪشمير تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهم مسئلو آهي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا: عمران خان

اسلام آباد: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي پنهنجا سياسي اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن. ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهم تڪرار آهي. اميد آهي ته هن مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪري وٺنداسين. چيني خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي منفرد آهي. پاڪ چين دوستي هر مشڪلاتن ۾ اميدن تي پوري لٿي آهي ۽ اسان جي مستحڪم لاڳاپن سبب پوري خطي ۾ امن قائم آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو پهريون منصوبو مواصلاتي رابطن ۾ بهتري ۽ توانائي منصوبن تي ٻڌل هو، هاڻي اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. چين ۽ پاڪستان ان ڳالهه تي متفق آهن ته افغانستان جي عوام تڪرار سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي، ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغان عوام گڏيل قومن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. افغاني عوام گذريل 40 سالن تائين بدامني کي منهن ڏنو، پهريون ڀيرو افغانستان ۾ امن جو هڪ موقعو مليو آهي. افغانستان ۾ غربت، بک ۽ ڏڪار جو امڪان آهي. ٻاهرين امداد جي منجمد ٿيڻ سان افغان حڪومت کي بحران کي منهن ڏيڻو پيو. سڀني کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان کنيو. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کان سواءِ سڀني کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ڇو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي هن وقت سخت پريشانين جو شڪار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ غذائي تحفظ ضروري آهي، زراعت، صنعت ۽ آءِ ٽي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. چين ڪورونا دوران پاڪستان جي مدد ڪئي، ويڪسين فراهم ڪئي جڏهن ته اسان ڪورونا دوران چين جي تجربن مان به سکيو ۽ پاڪستان دنيا جي انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي جن ڪورونا چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے