welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سمس جهڙي ڪني اسپتال ڪٿي ناهي ڏٺي، مريضن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي: عذرا پيچوهو

شھدادپور : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) صحت واري صوبائي وزير ميڊم عذرا پيچوهو جو اوچتو شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال جو دورو ڪيو صوبائي وزير صحت پاران سمس اسپتال جي تمام وارڊز جو دورو ڪيو. سمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي نہ ھجڻ والنٽيئرس جي مقرري ٽيسٽن ۽ ٻين جي نالي تي اوڳاڙي ڪرڻ مريضن کي سھولتون نہ ڏيڻ غير معياري دوائن سميت صفائي سٿرائي نه هجڻ تي صوبائي وزير پاران سمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ظفراللہ سولنگي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار، ڪندي ڊائريڪٽر ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سخت ڇنڊ پٽيندي، صوبائي وزير صحت سِمس اسپتال شھدادپور کي ناڪاره اسپتال قرار ڏئي ڇڏيو صوبائي وزير صحت عذرا پيچوهو سمس اسپتال ۾ نئين تعمير ٿيندڙ جنرل وارڊ جي عمارت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري غير معياري ڪم ٿيڻ ڪري عمارت ۾ ڏار ۽ جھول پوڻ توڙي لفٽ مشين مهيا نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ٺيڪيدار توڙي ايڪسئين ۽ ايس ڊي او پراونشنل بلڊنگز کي شو ڪاز نوٽيس جاري،ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڪاوڙجي روانو ٿي وئي. صوبائي وزير صحت پاران سمس اسپتال شھدادپور جو اوچتو دورو ڪرڻ تي اسپتال انتظاميہ توڙي گوسڙو ڊاڪٽرن، ملازمن ۽ والنٽيئرس ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ان موقعي تي صوبائي وزير عذرا پيچو ھو چيو تہ انسٽيٽيوٽ جو درجو رکڻ باوجود سمس اسپتال جي حالت انتهائي خراب آهي، شرمندگي آهي ته هي سمس اسپتال آهي، سموري سنڌ ۾ اهڙي گندي اسپتال ناهي ڏٺي اسپتال گندگي سان ڀريل آهي، مريضن سان رڍن ٻڪرين جيان سلوڪ ڪيو پيو وڃي. عذرا پيچوهو چيو ته خراب ڪارڪردگي تي اسپتال انتظاميه خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪنداسين، 10 ڄڻا هڪ هڪ وارڊ ۾ ويٺل آهن پر رزلٽ ٻُڙي آهي:عوام جو ڪو به قصور ناهي، هتي جا ڊاڪٽرز، ايم ايس ڪم نه ٿا ڪن سموري حالت اکين سامهون آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے