welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان خلاف صادق ۽ امين نه هجڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان خلاف صادق ۽ امين نه هجڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم ٻڌائي ته ڪنهن جي خلاف جلسا ۽ احتجاج ڪندو، عمران خان ملڪ ۽ عوام لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي سکر ۾ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسان جي لانگ مارچ جو مقصد ڪنهن لاءِ مسئلو پيدا ڪرڻ نه، پر عمران خان مان جان ڇڏائڻ آهي، ماڻهن کي گهرن مان نڪري پنهنجو حق گهرڻ گهرجي
هن چيو ته سياسي پارٽيز پهرئين ڏينهن کان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، پ پ جو لانگ مارچ 27 فيبروري کان ڪراچي مان نڪرندو، پهرين مارچ تي سکر جو عوام مارچ ۾ شامل ٿيندو هن چيو ته حڪمرانن کي مشورو ڏيان ٿو ته عوام ڏي نه وڃن، ماڻهن ۾ اُنهن تي ڪاوڙ آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪوڙ ۽ دوکي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، سال 2018ع کان اڳ عمران خان مھانگائي جي نالي تي بجلي جا بل ساڙيا ھئا، پارليامينٽ ۾ ڀڃ ڊاھ جي ڪوشش ڪندو ھو خورشيد شاهه چيو ته عمران خان اڄ عوام کي ٻڌائي تہ ڇو مھانگائي آھي، عمران خان عوام سان ڪوڙ ڳالھايو تہ ھڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھ لک گھر ڏيندو، جيستائين ملڪ ۾ مھانگائي، بيروزگاري آھي اسان جي جنگ جاري رھندي خورشيد شاهه چيو ته سکر: اسان ٽي سال آواز اُٿاريو پر ڪا رڪاوٽ پئدا نہ ڪئي، سڀني کي سمجھڻ گھرجي تہ مخالف ڌر اھو بھتر ڪم ڪيو آھي، اسان انھن کي چيو ملڪي مفاد ۽ مسئلن جي حل لاءِ اسان توھان سان گڏ آھيون پر انھن اسان جي آڇ رد ڪري ڇڏي هن چيو ته پھرين ڏينھن کان چوندو پيو اچان تہ سياست ۾ ڪو بہ لفظ آخري ناھي ھوندو، ھي تہ سبسڊي واريون شيون اٽو، کنڊ، دال، چانور بہ نہ پيا ڏين، ھي ڪنھن جي خلاف احتجاج ڪري عوام کي بيوقوف پيا بڻائين

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے