لاھور : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته اڃا ته رِڌڻي ۾ بي اعتمادي رٿ جو سامان گڏ ٿي رهيو آهي، سامان پچڻ شروع ٿيو ته ڪو فيصلو ڪنداسين
لاهور ۾ ق ليگ قيادت سان متحده جي وفد چوڌري شجاعت سان عيادت ڪئي ۽ ملڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي
ملاقات بعد چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ملاقات ۾ بي اعتمادي رٿ تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي، حڪومتي مُدو پورو ٿيڻ ۾ اڃا وقت آهي
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومتي ڪارڪردگي مان اطمينان جو اندازو اسان جي بيانن مان لڳائي سگهجي ٿو
ان موقعي تي متحده اڳواڻ عامر خان چيو ته حڪومت ۾ حصو وڌائڻ جي موڊ ۾ ناهيون، اسان چئون ٿا هڪڙي وزارت به واپس وٺي ڇڏيو، سياسي پارٽيز فيصلا ڪرڻ ۾آزاد هونديون آهن، حڪومت جا اتحادي آهيون، ڪوبه فيصلو هڪ ٻئي سان صلاح مشورن بعد ڪنداسين
0 تبصرے
Do not use vulgar language