پشاور: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پشاور ۾ هڪ عامل جي چوڻ تي عورت جي مٿي ۾ ڪوڪو هنيو ويو، جنھن کانپوءِ عورت کي اسپتال داخل ڪرايو ويو
رپورٽن مطابق عامل جي چوڻ تي عورت جي مٿي ۾ نيل هنيو ويو، جنهن بعد عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو
پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمي عورت جي سرجري ڪري ڪوڪو ڪڍيو ويو
نيورو سرجن ڊاڪٽر حيدر جو چوڻ هو ته عورت حامله هئي ۽ کيس مٿي تي سخت ڌڪ لڳل ھو، عورت ٻڌايو تھ پٽ جي خواھش آھي، پير صاحب مٿي ۾ ڪوڪو ھڻڻ جو چيو
ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت تي پٽ کي جنم ڏيڻ لاءِ مڙس جو دٻاءُ هو
0 تبصرے
Do not use vulgar language