ڪوئٽه: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي پهچي ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ گهرو وزير شيخ رشيد به وزيراعظم عمران خان سان گڏ نوشڪي جي دوري تي آهن.
وزيراعظم کي نوشڪي ۾ اهم آپريشنل بريفنگ ڏني ويندي ۽ هو نوشڪي ۾ فوجي جوانن ۽ مقامي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندا.
ٻئي طرف آرمي چيف قمر جاويد باجوه به نوشڪي پهچي ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سمورو ڏينهن فوجي جوانن سان گڏ گذاريندو آرمي چيف کي علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي، ان کان علاوه کيس دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فارميشن جي آپريشنل تيارين بابت به آگاهه ڪيو ويندو.
دوري دوران وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل رکندو ۽ ايف سي جي جوانن کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف مقامي قبائلي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language