welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رائونتي: مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ويندڙ 2 نوجوان پاڻ باندي بڻجي ويا، 2 ڪروڙ ڀنگ طلب

رائونتي : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل مغوي کي ڀنگ ڏيئي بازياب ڪرائڻ لاءِ رائونتي جي ڪچي ۾ ويل ٻن ڄڻن کي به ڏوھارين باندي بنائي ڇڏيو ، مھراڻ ڪار جا ڪاغذ ۽ ٻه ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيا ويا پنجاب جي ضلعي بهاولپور جي علائقي علي پور واسي عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي پھچڻ کانپوءِ اغوا ٿي ويل ايوب رند کي ڀنگ ڏيئي آزاد ڪرائڻ لاءِ ويل ٻن ڄڻن کي به ڏوھارين باندي بڻائي ڇڏيو مغوين جي وڊيوز موجب کين بازياب ڪرائڻ لاءِ ويندڙن کي پنجاب جي ماڇڪو ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو آھي. وارثن جو چوڻ هو ته مغوي کي چار لک ڀنگ عيوض بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪار تي ويل ٻن ڄڻن قاري يامين ۽ عبدالرحمان کي به ڏوھارين باندي بڻائي ڇڏيو آھي اسان جي نوجوان کي اهو چيو ويو ته اوهان رائونتي طرف اچو، ڏوھارين پاران عورتاڻي آواز تي اغوا ٿيل سميت ٽنھي مغوين لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ سان ڪار جا ڪاغذ پڻ گھريا ويا آھن وارثن چيو ته مغوي ايوب کي قاري يامين ۽ عبدالرحمان چار لک ڏيئي آزاد ڪرائڻ لاءِ ويا ھئا جن کي ڏوھارين باندي بڻائي رکيو آھي . ڏوھاري ھاڻ ڪار جا ڪاغذ ۽ ٻه ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے