لاھور : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) ملڪ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين حڪمران اتحادي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي بڻحي مخالف پارٽين مسلم ليگ ن ۽ مسلم ليگ ق وچ ۾ به رابطا ٿيو آھي
ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي چوڌري ڀائرن سان ملاقات جو امڪان آهي ۽ اها ملاقات ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ پاران خميس تي ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي پر اڃا تائين ملاقات جي تاريخ ۽ وقت جو فيصلو ناهي ڪيو ويو
ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن مسلم ليگ ق جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي هئي
0 تبصرے
Do not use vulgar language