ڪراچي : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن جو ٻيو مرحلو خميس کان لاهور ۾ شروع ٿيندو.
پشاور زلمي ڪراچي کان لاهور پهچڻ لاءِ اسڪواڊ جو ٽريول ويلاگ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي سفر دوران هڪ ٻئي سان بدتميزي ڪندي ۽ لڊو کيڏندي به ڏسي سگهجي ٿو.
پشاور زلمي لاهور ۾ شاندار پرفارمنس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيم اڄ پنهنجو پهريون پريڪٽس سيشن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪندي.
پشاور زلمي ايونٽ جي ڇهين ميچ 10 فيبروري تي ناقابل شڪست ٽيم ملتان سلطانز خلاف کيڏندي.
پشاور زلمي هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي پنجين نمبر تي آهي ۽ ٽيم هن وقت تائين 5 مان 2 ميچون کٽيون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language