
نئيندھلي:(اڱارو 02 سيپٽمبر 2025ع)سعودي ۽ عراقي ڪمپنين ڀارتي ريفائنري کي تيل جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي.
غير ملڪي خبر ايجنسي موجب سعودي آرامڪو ۽ عراق جي سرڪاري آئل مارڪيٽنگ ڪمپني سومو يورپي يونين پاران جولاءِ ۾ لاڳو ڪيل پابندين کان پوءِ روسي حمايت يافته ڀارتي ريفائنري ڪمپني نايارا انرجي کي خام تيل جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي.
لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ (LSEG) جي شپنگ ڊيٽا مطابق خليجي برآمد ڪندڙن جي سپلائي روڪڻ کان پوءِ نايارا انرجي، جنهن جو وڏو شيئر هولڊر روسي آئل ڪمپني روزنيفت آهي، آگسٽ ۾ مڪمل طور تي روسي خام تيل تي انحصار ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي.
ڪپلر ۽ LSEG جي ڊيٽا مطابق نايارا انرجي هر مهيني لڳ ڀڳ 20 لک بئرل عراقي خام تيل ۽ 10 لک بئرل سعودي خام تيل خريد ڪندي هئي، پر آگسٽ ۾ ٻنهي فراهم ڪندڙن پاران ڪو به ڪارگو نه مليو.
رپورٽ موجب سومو ۽ نايارا انرجي هن معاملي تي ڪو به ردعمل نه ڏنو، جڏهن ته سعودي آرامڪو به تبصري کان پاسو ڪيو آهي.
ياد رهي ته روسي تيل جي خريداري سبب آمريڪا ڀارت تي 50 سيڪڙو تجارتي ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو بيان ۾ چيو ته ڀارت هاڻي پنهنجا محصول صفر ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر هاڻي تمام دير ٿي وئي آهي، اها آڇ ڪيترن ئي سالن کان اڳ ٿيڻ هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language