welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٻوڏ جو پاڻي اڄ رات سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندو: ڊي جي پي ڊي ايم اي

لاھور:(ڇنڇر 06 سيپٽمبر 2025ع)ڊائريڪٽر جنرل پنجاب ڊيزاسٽر مينجيمنٽ اٿارٽي عرفان علي ڪاٺهيا چيو آهي ته ڀارت کان ڪنهن به نئين ٻوڏ وهڪري جي اطلاع ناهي ڏني وئي، پنجاب جي دريائن ۾ هاڻ پاڻي جي سطح لاڳيتو گهٽ ٿيندي. جڏهن ته ٻوڏ وهڪرا اڄ رات سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺهيا پي ڊي ايم اي هيڊ آفيس ۾ ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته شير شاهه بند تي هڪ يرعو ٻيهر مٿانهين ٻوڏ جو وهڪرو ايندو. ٻوڏ جو پاڻي پنجاب جي دريائن مان اڄ رات سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندو. سنڌ ۾ 7 کان 8 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيندو. سنڌ صوبي جي حدن ۾ ٻوڏ وهڪرو 8 سيپٽمبر تي ٻنپهرن جو داخل ٿيندو. انهي کان علاوه لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته هن وقت سنڌو درياءَ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي جي بيراجن تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جي اطلاع ڏني وئي آهي. اختيارين لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميه کي الرٽ رهڻ ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حفاظتي قدم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے