welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.2 رڪارڊ

اسلام آباد:(ڇنڇر 06 سيپٽمبر 2025ع)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جن جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته انهي جي گهرائي 20 ڪلو ميٽر ۽ زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا جنهن جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي هئي. زلزلو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه پشاور، هري پور، ايبٽ آباد،چارسده، اٽڪ، مالاڪنڊ، سوات، هنگو مانسهره ۽ هزار جي ٻين ضلعن ۾ به محسوس ڪيو ويو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے