ميرپورماٿيلو:(خميس 11 سيپٽمبر 2025ع)پوليس لائن ۾ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندڙ پوليس اهلڪار خادم چڍڙ وياج خورن کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ زخمي پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته سنيل ڪمار ۽ انيل ڪمار گڏ وياج جو ڪم ڪندا آهن مون 4 سال اڳ هنن کان 3 لک روپيا ورتا هئا جيڪي مختلف وقتن تي مون هنن کي ٽن لکن جا 24 لک رپيا ڏئي چڪو آهيان پر هو 40 لک روپيا ٻيا گهري رهيا آهن مون پاران جواب ڏيڻ تي مقبول بوزدار مون مٿان 40 لک روپين جي پٽيشن داخل ڪرائي آهي هن چيو ته ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو ۽ ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو منهنجي مدد نه ڪئي مجبور ٿي اهڙو قدم کنيو آهي. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر چيو ته اهلڪار جون40 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي جنهن کي ريفر ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language