
ڪراچي:(خميس 11 سيپٽمبر 2025ع)ڊي ايڇ اي سٽي کان قيوم آباد تائين نئين تعمير ٿيندڙ شاهراهه ڀٽو جو ڄام ڳوٺ ويجهو ڪجهه حصو برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويو، گذريل ڏينهن ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا تي اهو مامرو بحث جو موضوع بڻيل رھيو، سوشل ميڊيا تي شاھراھ ڀٽو جي مختلف حصن جون تصويرون ۽ وڊيوز پڻ گردش ڪنديون رھيون، جن ۾ روڊ جي هڪ حصي ۾ ڏار پيل نظر آيا، اهڙي صورتحال بعد سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته شاهراهه ڀٽو جي فيز 3 جو اڏاوت هيٺ حصو لڙهي ويوآهي، انهي حصي ۾ ڪا پچنگ ٿيل نه هئي ۽ نه ڪا ريٽيننگ وال قائم ٿيل آهي،اهو حصو ٽريفڪ لاءِ به کليل ناهي، هن چيو ته شاهراھ ڀٽو جو عوام جي سفر لاءِ کوليل حصو مڪمل محفوظ ۽ سفر لاءِ کليل آھي، هوڏانهن وزيراعليٰ مراد شاهه به صحافين سان گڏ قيوم آباد کان قائدآباد تائين شاهراهه ڀٽو تي سفر ڪيو، هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ڪراچي جي بهترين شاهراهه آهي، جنهن لاءِ غير ضروري پروپئگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي پڻ شاھراهه ڀٽو جو دورو ڪيو، هن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جنھن روڊ کي پيپلزپارٽي پنھنجي قائد سان منسوب ڪيو، اڄ اھو بدترين حالت ۾ آھي. شاھراهه ڀٽو جو لڙهي وڃڻ پيپلزپارٽي جي بيڊ گورننس جو اعليٰ مثال آھي
0 تبصرے
Do not use vulgar language