welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پڙهندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ: ٽنڊو فضل هاءِ اسڪول مينهن جي واڙي ۾ تبديل

حيدرآباد:(خميس 11 سيپٽمبر 2025ع)حيدرآباد ضلع جي ٽائون واري حيثيت رکندڙ ٽنڊي فضل جو سرڪاري هاءِ اسڪول مينهن جي واڙي،ڪتن جي ٺڪاڻي ۽ ٽوائليٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي پر تعليم کاتي جي آفيسرن کان اهو اڃا تائين اوجهل ئي آهي. جنهن ڪري هڪ پاسي حڪومت جو خرچ ٿيل وڏو ناڻو ضايع ٿي رهيو آهي ته ٻي پاسي ڳوٺ جا سوين ٻار پنجين ڪلاس کان وڌيڪ جي تعليم کان ئي محروم ٿيل آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٽنڊي فضل جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي عمارت 2005 ۾ ٺهي پر ٺيڪيدار عمارت مڪمل ڪرڻ بنا ئي ايجوڪيشن ورڪس حيدرآباد جي لاڳاپيل آفيسرن سان ملي پنهنجا پورا بل ڪڍائي ويو. جنهن ڪري اسڪول جي ٻاهران پلستر پڻ مڪمل نه ٿي سگهيو، ٻاهرين حفاظتي ڀت نه اچي سگهي، نه ئي ٽوائليٽ ٺاهيا ويا. اسڪول جي عمارت لاوارث حالت ۾ ڇڏڻ سبب هڪ ڳوٺاڻي ان کي پنهنجي گهر ۽ مال جي وٿاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن اسڪول جا 2 ڪمرا پنهنجي رهائش لاءِ ۽ 2 ڪمرا ۽ ورانڊو مينهن جي وٿاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هيڊ ماسٽر جي آفيس ۽ اسٽاف روم کي ٽوائليٽ طور استعمال ڪيو پيو وڃي. اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب ان ۾ ڪلاس پڻ شروع نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري ٽائون جي نياڻين سميت ڪجهه ٻار ڀاڙا ڀري ٻي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ وڃڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻار وڌيڪ تعليم کان ئي محروم ٿي ويا آهن. پر ” پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ “ جا نعرا هڻندڙن ان معاملي جو ڪو نوٽيس ئي نه ورتو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے