welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

روهڙي: جاگيراڻي برادري جي ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

روھڙي:(خميس 11 سيپٽمبر 2025ع)هڪ سال اڳ چئو پائي مال جي چوري تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڏنا فائرنگ جي نتيجي ۾ جاويد جاگيراڻي قتل ٿي ويو، واقعي بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، چوپائي مال جي چوري تان شروع ٿيل خوني ويڙهه ۾ هن وقت تائين برادريءَ جي چگي مڙس ھادي بخش جاگيراڻي جي نوجوان پٽ محمد علي جاگيراڻي سميت 15 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن هوڏانهن ايس ايس پي سکر اظهر خان جي اڳواڻي ۾ سکر پوليس ۽ رينجر جا اٽالا ساڻ ڪري جاگيراڻي برادري جي ٻنهي ڌرين جي هٿياربند جا ٺڪاڻا پوليس ڊاهي پٽ ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين مارجي ويل جاويد جاگيراڻي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے