غزہ:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه جي رهواسين کي فوري طور تي خالي ٿيڻ جي خبردار ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم ڌمڪي ڏيندي چيو ته، "غزه جي رهواسيو، منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو، مان توهان کي موقعو ڏئي رهيو آهيان، فوري طور تي خالي ڪريو."
نيتن ياهو چيو ته اسرائيلي فوجون مڪمل تياريون ڪري رهيون آهن ۽ زميني ڪارروائي لاءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ واريون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي هوائي فوج غزه شهر ۾ بلند عمارتن تي حملو ڪيو آهي، جيڪي ايندڙ زميني ڪارروائي جي تياري ۾ ڪيا ويا آهن. نيتن ياهو رهواسين تي زور ڏنو ته ممڪن خطرن کان بچڻ لاءِ جلد کان جلد شهر ڇڏي وڃن.
ان کان اڳ اسرائيلي عملدارن چيو هو ته اهي غزه تي قبضو ڪرڻ لاءِ فوجون منظم ڪري رهيا آهن ۽ ان حوالي سان هوائي حملا به تيز ڪيا ويندا.
ياد رهي ته ڪالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي به شرطن کي قبول نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني هئي.
ان حوالي سان صدر ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته اسرائيلي منهنجيون شرطون قبول ڪري ورتيون آهن، هاڻي حماس جو بار آهي ته اهي شرطون قبول ڪن.

غزه ۾ وڏي زميني ڪارروائي جون تياريون، نتنياهو جي رهواسين کي فوري طور تي علائقو خالي ڪرڻ جي خبرداري
آمريڪي صدر چيو ته هر ڪو يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ جو خاتمو چاهي ٿو، هن چيو ته هي منهنجي آخري وارننگ آهي ۽ مان هن کان پوءِ وڌيڪ وارننگ نه ڏيندس.
0 تبصرے
Do not use vulgar language