welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي حملو اشتعال انگيزي ۽ قطر جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)پاڪستان برادر اسلامي ملڪ قطر تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حملو اشتعال انگيز، غير ذميوار ۽ قطر جي خودمختياري جي واضح خلاف ورزي آهي. وفاقي گادي واري شهر مان جاري ڪيل هڪ بيان موجب، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هي قدم اسرائيل جي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي جي حوالي سان سنجيدگي جي کوٽ آهي. اسرائيل جو هي حملو خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ان جي پاليسي جو تسلسل آهي. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي اهڙن قدمن تي خاموش نه رهڻ گهرجي، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو ذميوار قرار ڏنو وڃي، ۽ پاڪستان قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان کان علاوه، پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل کي هن غير قانوني ۽ خطرناڪ قدم لاءِ جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. پاڪستان برادر ملڪ قطر جي عوام ۽ قيادت سان گڏ بيٺو آهي. پاڪستان قطر جي قومي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے