welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قطر تي حملو ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل جنگ ختم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي: ترڪي

انقرہ:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)ترڪي قطر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل جو اهو قدم ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به معاهدي ۾ دلچسپي نٿو رکي. ترڪي جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگ بندي جي جاري ڳالهين دوران حماس جي ڳالهين ڪندڙ وفد کي نشانو بڻائڻ هڪ نشاني آهي ته اسرائيل جو مقصد امن تائين پهچڻ نه پر جنگ جاري رکڻ آهي. ترڪي جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي صورتحال واضح ثبوت آهي ته اسرائيل پنهنجي توسيع پسند پاليسي ۽ علائقي ۾ دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور اختيار ڪيو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيلي فوج اڄ قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي آفيس کي نشانو بڻايو. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي بمباري دوران اجلاس ۾ حماس جا پنج سينئر اڳواڻ موجود هئا. سينئر حماس اڳواڻن ۾ خالد مشعل، خليل الحيا، ظهير جبارين، محمد درويش ۽ ابو مرزوق شامل هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے