welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قصور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، انٽرنيشنل ڪبڊي رانديگر ڳولي لڳڻ سبب فوت

قصور:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)نواحي علائقي مائي رابو ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ڳولي لڳڻ سبب ڪبڊي جو انٽرنيشنل رانديگر ناصر پهلوان فوت ٿي ويو. پوليس موجب ناصر پهلوان حويلي لکا کان گهر واپس پئي اچي رهيا هو ته رستي ۾ هٿياربند ڏوهارين سندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين لاهور منتقل ڪيو پئي ويو پر هو زخمين جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ناصر پهلوان ٽي ٻارن جا پيءُ هو، سندن لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے