welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺٽو: صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي ۽ ايم پي ايز جو انڊس ڊيلٽا جو دورو

ٺٽو:(آچر 07 سيپٽمبر 2025ع)رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير عشر زڪوات سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سنڌ ڪابينا جي ايم پي ايز جي وفد سان گڏجي ڪيٽي بندر جي انڊس ڊيلٽا جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. وفد ۾ ايم پي ايز ساديہ جاويد، قصا شاٽ، شازيہ ڪريم سنگهار، رخسانه شاھ، تنزيلا قمبراڻي، سجاد احمد سومرو، مهيش ڪمار، اڳوڻو ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي ۽ ٻيا شامل هئا. وفد هوڙن ۽ لانچن ذريعي ڊيلٽا جي آخري ڳوٺ آٿرڪي پهتو، جتي سيد رياض حيسن شاهه شيرازي سنڌو درياھ ۾ آيل مٺي پاڻي بابت وفد کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد رياض شاھ شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ مٺو پاڻي اچڻ سان ڊيلٽا جي ماڻهن ۾ وڏي خوشي پيدا ٿي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته مٺو پاڻي زيان ٿي رهيو آهي پر حقيقت ۾ هتي ان جي سخت ضرورت آهي، مٺي پاڻي اچڻ سان ماحولياتي نظام کي فائدو، مڇي ۽ جهينگن جي واپار ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مهاڻن جا چهرا خوشي سان چمڪڻ لڳا آهن. سيد رياض حيس شاھ شيرازي وڌيڪ چيو ته هن وقت اڍائي کان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ اچي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڇهه لک ڪيوسڪ به اچي ته به ڪو خطرو ناهي. سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سموريون گهربل تياريون مڪمل ڪيو ويون آھن. ھن چيو تہ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحي آھي. ان موقعي تي اسمبلي ميمبرن جي وفد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ مڇي ۽ آبي جيوت جي بچاءُ لاءِ مٺي پاڻي جي فراهمي انتهائي ضروري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے