پئرس:(اربع 03 سيپٽمبر 2025ع)فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون اسرائيلي ڌمڪين تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
نيوز ايجنسي موجب، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۾ فرانس تي دٻاءُ وڌائڻ جي همت ناهي، اسرائيل فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي، اسرائيل غزه ۾ جارحيت ۽ فلسطيني زمين تي قبضو وڌائي رهيو آهي.
نيوز ايجنسي موجب، اسرائيل ڪالهه فرانس کي ڌمڪي ڏني هئي ته هو فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language