تل ابيب:(اربع 03 سيپٽمبر 2025ع)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته غزه ۾ مشن مڪمل ڪيا ويندا.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته غزه ۾ حماس کي شڪست ڏني ويندي، وچ اوڀر ۾ ايران جو ڳٺ جوڙ ختم ڪيو ويندو، غزه جي ناڪي بندي جاري رهندي، ۽ يمن ۾ حوثين تي اسرائيل جا حملا وڌندا.
اسرائيلي فوج جي سربراهه اهو به چيو ته اسرائيل فتح تائين جنگ جاري رکندو، ۽ اسرائيل پنهنجون ڪارروايون وڌائڻ وارو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language