غزہ:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)غزه ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل فلسطينين تي صيهوني فوج بارود جو مينهن وسايو، 24 ڪلاڪن ۾ 84 کان وڌيڪ فلسطيني قتل ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب جنگي صورتحال جي ڪري شهر ۾ بک هڙتال ڪئمپون آهن، غذائي کوٽ سبب 6 وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، اسرائيل پاران لاڳو ڪيل جبري قحط سبب 370 فلسطيني فوت ٿي ويا آهن.
جبري قحط سبب فوت ٿيندڙن ۾ 131 معصوم ٻار شامل آهن، جنگ دوران هاڻي تائين 21 هزار فلسطيني ٻار معذور ٿي چڪا آهن، صيهوني فوج جي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جو انگ 40 هزار 500 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته شهيدن جو ڪل تعداد 64 هزار 231 تائين پهچي ويو آهي.
يونيسيف اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ زندگيون خطري ۾ آهن، انساني امداد جي سخت ضرورت آهي، غزه ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جو هر ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language