
ڪراچي:(سومر 08 سيپٽمبر 2025ع)سنڌ جي پهرين بئراج گڊو تي ٻوڏ جا وڏا وهڪرا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، پنجند وٽ به پاڻي جا وهڪرا 6 لک ڪيوسڪ کان وڌڻ بعد انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي. ڪالهه گڊوبئراج تي مٿانهين پاسي پاڻي جا وهڪرا 4 لک 1352 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته هيٺاهين پاسي 3 لک 77226 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو. گڊو بئراج تي وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي. جتي مٿاهين پاسي 3 لک 38050 ڪيوسڪ پاڻي ريڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بيراج وٽ 2 لک 43743 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، جتي پڻ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي. ٻئي طرف سنڌو درياءِ تي اڏيل تونسا بئراج مان سنڌ ڏانهن 2 لک 217382 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرايو ويو، جڏهن ته پنجند وٽ چناب جي وهڪرن سان راوي ۽ ستلج ندين جا وهڪرا ملي وڃڻ بعد وڏو چاڙهه آيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پنجند جا سمورا دروازا کوليا ويا آهن. ڪالهه رات جو پنجند وٽ وهڪرا 6 لک 9664 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌوءَ جو گيج 9.1 فوٽ ريڪارڊ ڪيو ويو.
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ چيو آهي ته پنجند تي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران 7 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي وهڪرا پهچي سگهن ٿا، سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ سڀاڻي اڱاري تي 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچي سگھي ٿو، بئراج تي پاڻي جي انتهائي بلند سطح جو امڪان آهي، اسان پاڻي کي گڊو بئراج مان گذارڻ جي تياري به ڪري ڇڏي آهي، ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو ، ڪچي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ تجربو رکندڙ آهي، رليف ڪيمپون، صحت جون سهوليتون ۽ لائيو اسٽاڪ سڀ جيو ٽيگ آهن. اميد آهي ته گڊو وٽان 8 لک ڪيوسڪ جو ريلو خيريت سان گذري ويندو، جيڪڏهن ڪوههِ سليمان تي برسات پئي ته پوءِ صورتحال ڪجهه تبديل هوندي پر اڃا تائين اتي برسات جي ڪو امڪان ناهي ڪراچي ۾ به اڄ برسات ٿي سگھي ٿي انهي لاءِ اسان جي تياري ٿيل آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سمورن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي درياءِ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري تي ڊيوٽيون لڳل آهن، اسان سال 2015 ۾ به ٻوڏ وارو ريلو خيريت سان گذاريو هو، هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب ڪُل 3 لک 24 هزار ماڻهو متاثر ٿيندا، هن وقت تائين هڪ لک 28 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو اٿئون ليفٽ بينڪ تي ڪجهه ماڻهو نڪري بندن تي آيا آهن پر اهي رليف ڪيمپن ۾ ناهن آيا. وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪيل انتظامن سان فائدو ملندو. هن چيو تهپنجاب ۾ هن وقت صورتحال تمام گھڻي خراب آهي، ميڊيا ۾ پنجاب جي صورتحال ڏيکاري وري چيو ويندو آهي ته سيوهڻ ۾ به 40 ڳوٺ ٻُڏي ويا آهن. ميڊيا کي اهو سمجھڻو پوندو ته سيوهڻ وارا ڳوٺ ڪچي جا آهن جيڪي چاڙهه وقت هر صورت ۾ ٻڏڻ وارا آهن. هن چيو ته ڀارتي حملي وقت پوري قوم متحد هئي ۽ اسان ڀارت کي مزو چکايو، تڪراري ڳالهيون 1960 کان ٿي رهيون آهن، اڳتي به ٿينديون رهنديون. آئون هن وقت ڪنهن تڪرار ۾ پوڻ نه ٿو چاهيان، اسان متحد رهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ڪي پي، پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي صورتحال تي به افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڏينهن ۾ 2 کان 3 ڀيرا پاڻي صورتحال بابت پڇا ڪندا رهن ٿا، بلاول ڀٽو به هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ سکر بئراج جو دورو ڪندو، هن چيو ته وزيراعظم 2 _3 ڀيرا پڇا ڪري چُڪو آهي، هن وقت سنڌ کي وفاق جي ڪنهن به مدد جي ضرورت ناهي، هن وقت پنجاب کي مدد جي گھڻي ضرورت آهي اسان چاهيون ٿا ته پنجاب جي مدد ٿيڻ گھرجي. سنڌ جي صحت واري وزير به پنجاب حڪومت سان رابطو ڪري سنڌ جا ڊاڪٽر پنجاب اماڻڻ جي آڇ ڪئي آهي پر پنجاب سرڪار چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي ٻڌائينداسين. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال دوران 9 لک جانورن کي ويڪسينيشن ڪري چُڪا آهيون، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن جو به بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهي، سموري ضلعي انتظاميا فيلڊ ۾ موجود آهي، جيڪا متاثرين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. ڪابينا جا سمورا ميمبر، نامزد فوڪل پرسنز ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پڻ فيلڊ ۾ موجود آهن، ٻئي طرف پنجند پهتل آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته پنجند وٽ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي، اسان سپر فلڊ لاءِ تيار آهيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language