وڳڻ:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)وڳڻ ڀرسان ڳوٺ غازي خان مرکنڊ واسي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. چانڊيا برادري جي ماڻهن طرفان قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش وڳڻ انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو
رپورٽ موجب گاجي کهاوڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران نوجوان نواب علي چانڊيو گولين لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو قتل ٿي ويل نوجوان جي ڀائرن ظاهر خان چانڊيو، ممتاز چانڊيو، سعيد چانڊيو ۽ ٻين مڙهه کڻي وڳڻ انڊس هاءِ وي تي رکيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي-لاڙڪاڻو روٽ تي ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي.
اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي وڳڻ ايٽ نصيرآباد مزمل سومرو ايس ايڇ او وڳڻ انسپيڪٽر انور علي ابڙو ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. پوليس طرفان وارثن کي قاتلن جي جلد گرفتاري جي يقين دهاني ڪرائي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language